صالح ملا

صالح ملا: هيءُ ترخانن جي دؤر حڪومت ۾ ميرزا محمد باقي بيگ ترخان جو خاص مشير هو. ملا صالح وڏو بهادر ۽ جنگي مهمن جو ماهر هو. مرزا باقي سڀ کان پهريان ارغونن جي قتل عام جو حڪم جاري ڪيو ۽ ملا صالح کي حڪم ڏنائين ته ارغونن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ کانپوءِ هنن جي ٻارن ٻچن سان جيڪو وڻيو، سو برتاءُ ڪجو. انهي قتل عام کانپوءِ اڪثر ارغون هميشه لاءِ بکر هليا ويا ۽ باقي جيڪي بچيا تن جي شورش ۽ فتني جي ڊپ کان مرزا باقيءَ ارغونن کي وڏي عزت سان دعوت ڏئي پنهنجي محل ۾ گهرايو ۽ اهو به واعدو ڪيو ته خزانو ارغونن کي ورهائي ڏيندس. اهو ٻڌي سڀ جا سڀ ارغون وٽس اچي حاضر ٿيا. ٻئي طرف هن ظالم ۽ بدڪردار ميرزا باقيءَ ملا صالح کي حڪم ڏنو ته ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن ارغون خزاني جي گهر ڪن ته هڪدم سمورن ارغونن جا سِرَ ڌڙن کان جدا ڪيا وڃن. ملا صالح لشڪر مان خاصخيلين جي بهادرن کان سواءِ فتح خان ۽ شيرنگ خان کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو. قاضي خميسو جيڪو پنهنجي خاص بڇڙائين جي ڪري ميرزا باقي وٽ وڏي مقام تي فائز هو ۽ ملڪ جو مدار المهام هو، ان جڏهن ارغونن جي قتل عام بابت ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم ملا صالح سان اچي گڏ ٿيو. ميرزا باقي جي چوڻ تي ملا صالح، سمورن ارغونن کي بنا هٿيارن جي ديوان خاص ۾ وٺي آيو ۽ جڏهن ماني کائڻ کانپوءِ مرزا باقي خزاني جون پيٽيون کولي ارغونن کي کڻن لاءِ چيو، تڏهن هڪدم ملا صالح جي اشاري تي مقرر جلادن ارغونن تي اهڙو سخت حملو ڪيو، جو هڪ به جيئرو نه بچيو. ملا صالح جي حڪم تي قتل ٿيل ارغونن جو سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري محل کان ٻاهر اڇلايون ويون.ملا صالح ميرزا باقيءَ جي حڪم سان خاصخيلين جو لشڪر وٺي وڃي ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي هنن جو قتل عام ڪيو. ملا صالح چيو ته کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي تنهن کي به جيئرو نه ڇڏجو. اهڙي حالت ۾ بچيل ارغونن وڃي گجرات ۾ پناهه ورتي. شاهه قاسم ارغون ۽ علي شيراز ارغون وڃي سميجن ۾ رهيا. هن ظلم کان پوءِ ميرزا باقي بيگ کي هر خاص و عام بددعا ڏيندو رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو